روم -19 جون (اي پي پي) امدادي تنظيمن، ڪوسٽ گارڊز جي اختيارين ۽ گڏيل قومن جي اينجنسين چي?? آهي ته اٽلي جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري تي پرڏيهين جون ٻه ٻيڙيون ٻڏي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 26 ٻارن سميت 60 گم آهن. اردو نيوز موجب ??رم?? امدادي اداري ريسڪ شپ جي ريسڪيو بوٽ تي سوار عملي کي ڪاٺين جي ٺهيل ٻڏل ٻيڙي مان 61 ماڻهو مليا آهن جن مان 51 زنده جڏهن ته 10 فوت ٿي ويل هئا. گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري يو اين ايڇ سي آر ۽ پناهگيرن بابت عالمي اداري ۽ گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسيف گڏيل بيان ۾ چي?? آهي ته ٻيڙي ليبيا مان شام، ??صر?? پاڪستان ۽ بنگلاديش جي رهندڙن کي کڻي روانو ٿي هئي، ٻيڙي جو ٻيو حادثو اٽلي جي علائقي ڪيليبريا جي اٽڪل 200 ڪلوميٽر (125 ميل) فاصلي تي پيش آيو جڏهن 8 ڏينهن پهرين ترڪيه مان روانو ٿيل ٻيڙي ۾ باهه لڳي وئي ۽ اونڌي ٿي ??ئي. رومي سمنڊ ۾ پيش آيل ٻنهي حادثن ۾ هن وقت تائين 64 پرڏيهي گم آهن.
رومي سمنڊ ۾ ٻيڙي سان حادثو، 11 ماڻهو ٻڏي فوت، 26 ٻارن سميت 60 پرڏيهي گم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا