اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر گيبريلا ڪيووس بيرن پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ ک??نپوءِ وطن واپس روانو ٿي وئي آهي، سينيٽ سيڪريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽر مرزا محمد آفريدي ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن آءِ پي يو جي صدر کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته مون کي پاڪستان اچي وڏي خوشي ٿي، آئون ??اڪستاني ثقافت ۽ مهمانوازي جون ??ادون ??ڻي وڃي رهي آهيان، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، گوادر، لاهور، مري ۽ ٻيا هنڌ پنهنجي تاريخي اهميت رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان آءِ پي يو جو هڪ فعال ميمبر آهي ۽ هو اميد ڪري ٿي ته پاڪستان آءِ پي يو جي پليٽ فارم تي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال