اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ر??ت ڪي به تعليمي امتحان جيڪي ر??يل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت هوندي، يو??يو??سٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يو??يو??سٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي ر??ڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ج?? صدارت ۾ تعلمي وارن صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪ??و ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن