اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي، گڏيل مفادن جي شعبن ۾ س??ڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي سموريون ممڪن مراعتون ڏنيون وڃن، پرڏيهي خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ??يزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ س?? پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ س?? پيڪ منصوبي تحت سيڙپڪاري، حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ ڪجهه معاملن ۾ س??ڙپڪارن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي فوري حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ خاص طور تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري ??يزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2