اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جو پارلياماني معامن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جوڙيل ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اج??اس پارلياماني معاملن واري وزارت جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اج??اس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين خصوصي دعوت تي اج??اس ۾ شريڪ ٿيو. نادرا چيئرمين، پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ سائنس ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن به اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. اج??اس کي بريفنگ ڏيند?? نادرا چيئرمي?? ٻڌايو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس ۽ آئين موجب نظام جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هن سال اندر مڪمل ٿيندو، ان نئين نظام ۾ انتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي مڪمل ڌار رکيو ويندو ۽ ووٽ جي رازداري کي قائم رکيو ويندو. نادرا چيئرمي?? ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هن اليڪشن ڪميشن کي به پنهنجي موجوده نظام جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن کي هن ساراهيو ۽ اصولي طور تي اهو ڪم نادرا کي ڏيڻ جو اشارو ڏنو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته نادرا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ماهرن جو اج??اس اڄ 4 آگسٽ تي ٿيندو جنهن ۾ مشاورت سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي 9 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي ايندڙ اج??اس ۾ غور هيـٺ آڻيندي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ نادرا چيئرمين کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن سان اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا هڪ پيج تي اچي رهيا آهن، هن هدايت ڪئي ته هو بريفنگ مختلف پارلياماني ڪميٽين ۾ به پيش ڪرڻ لاءِ تيار رکي.
ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر