اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) جي درخواست رد ڪندي بيواهه کي پينشن جي ادائيگي جو حڪم ب??قرار رکندي ليسڪو کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي محتسب جي فيصلي موجب بيواهه کي ان جي جائز پينشن جو پورو حصو ادا ڪيو وڃي. صدر حڪومتي پاليسي موجب الائونسز سان بيواهه کي پينشن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته باقي پينشن تي حڪومتي پاليسي موجب ور جي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان اضافو به ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪ??يت ڪندڙ مختيار بيگم جي مرحوم ور جيڪو ليسڪو ۾ ملازم هو اپريل 2005ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ ڊسمبر 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪ??يت ڪندڙ جي مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن باقاعدگي سان ڏني وئي پر گهٽ شرح تي ڏنيو ئي، شڪ??يت ڪندڙ چيو ته هو 21928 روپيا ماهور پينشن حاصل ڪري رهي آهي جڏه?? ته حڪومت پاران وقت به وقت ڪيل سمورين انڪريمينٽس کي شامل ڪندي ان کي 15 سالن کانپوءِ تقريبن ٻيڻو ٿيڻ گهرجي، شڪ??يت ڪندڙ پنهنجي شڪ??يت جي ازالي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، وفاقي محتسب 09-03-2021 جي پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته اها ناانصافي آهي واپڊا پينشن ڊائريڪٽوريٽ حڪومتي پاليسي تي پوري طرح عمل ناهي ڪيو ۽ بيواهه کي بحالي تي وڌايل گذريل اضافو ناهي ڏنو ويو، جڏه?? ته ڊائريڪٽر (پينشن) واپڊا پاڻ سمورن ڊسڪوز، جينڪوز اين ٽي ڊي سي کي SOP-2002 ج?? تحت پينشن جي بحال ٿيل حصي تي سمورن پينشنرز کي گزريل تاريخن کان اضافي جي اجازت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، وڌيڪ اهو ته متوفي پينشرز جي بيواهن کي ان سهولت سان خاص طور تي روڪيو نه ويو، ان لاءِ ليسڪو پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان جي پاليسي موجب رٽائرڊ/فوت ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان پينشن جي بحال ٿيل حصي ۾ اضافي جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ڪموٽڊ حصي تي بحالي جي اجازت ڏني آهي. صدر مملڪت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته موجوده قانونن موجب دير سان اپيل داخل ڪرڻ جي پهلو کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، قانون موجب وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻي هوندي آهي، محتسب جي فيصلي جي خلاف دير سان اپيل داخل ڪرڻ تي ليسڪو جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ليسڪو جي درخواست رد
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha