اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گذريل سال پوري ملڪ مان سياحن جو رڪارڊ تعداد اترين علائقن ۽ خيبرپختونخوا جو رخ ڪيو، سياحت جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاه?? فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد بنگش ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال ۽ سروس ڊليوري جي ب??تري لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي سياحت جي فروغ لاءِ انفرااسٽرڪچر جي ب??تري تي اڳڀرائي تي ب?? بريفنگ ڏني وئي. زيتون، زعفران، ٻير جي ماکي ۽ معد??يا?? جي حوالي سان صوبي جي قدرتي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن ۽ انهن شعبن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن تي ب?? تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے