اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪ?? جيڪو تيزي سان ايشيا جو ??ڀ کان وڏو سيڙپڪار ۽ واپاري مرڪز بڻجي اڀري رهيو آهي، پرڏيهي پاڪستاني?? جي فڪري ۽ ڪاروباري صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود صنعتن، اڪيڊيمين، ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار آمريڪا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستاني?? جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايسپائر پاڪستان جو ??در حسن سيد ڪري رهيو آهي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دستياب انساني وسيلن کي حاضر دور جي هنر ۽ جديد تعليم فراهم ڪري انه?? جي تربيت جو ??هتمام ڪري رهيو آهي، هن چيو ته تعليمي معيار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽي پاس ڪندڙ ماڻهن جو ??عداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي ڊجيٽلائيزيش?? جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ملندو، صدر کي ٻڌايو ويو ته ايسپائر پاڪستان ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪاروباري ماڻهن، سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنهن جو ويزن پاڪستان کي جدت ۽ انٽر پرينيورشپ ج?? ذريعي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ آهي، صدر پاڪستا?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستاني?? جي ڪردار کي ساراهيو.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی