اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي سطح تي وڌ??دڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وبا دوران پيدا ٿي??دڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي يقيني بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي اقتصادي صورتحال ۽ عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي وڌ??دڙ قيمتن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي اڳڀرائي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو، اجلاس م وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر ۽ خاص معاون ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسر??دڙ ملڪ عالمي سطح تي وڌ??دڙ قيمتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومت ڪورونا جي دوران پيدا ٿي??دڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي اولين ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي وڌ??دڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي ملڪي مجموعي اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازي ڇڪتاڻ جي صورتحال جي ڪري عالمي سطح تي تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن جڏهن ته گئس جي قيمتن ۾ پڻ ٽي کان پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي پام آئل (کاڄرو تيل) جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن ۽ عوامي ريليف جي لاءِ انهن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج