اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 8 مارچ تي سبي ضلعي ۾ خودڪش حملي ۽ 21 مارچ تي باجوڙ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪري خودڪش حملي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي سن??س وارثن سا?? همدري جو اظهار ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي ۽ انهن جي خاندانن کي وطن خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار ع??دا??لطيف ۽ نائيڪ وحيد الله جي گهرڀاتين سا?? ڳالهه ٻوله?? ڪئي. هن سپاهي ع??دا??جمال ۽ سپاهي سبطين حيدر جي پوئينرن سا?? به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، صدر 21 مارچ تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙن جي پوئينرن سا?? به ڳالهه ٻوله?? ڪئي، صدر سپاهي ڪامران خان۽ نائب صوبيدار اشتياق احمد جي وارثن سا?? به ٽيلفونڪ رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي به دعا ڪئي.
صدر پاران شهيد جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria