اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ??سلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي ا??تمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ قومي ا??يمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته آئون سڀني ساٿين جو ٿورائتو ??هيان، انهن جي ڪوششن ۽ ٻڌي سان ??ڪ نئون سج اڀرڻ وارو آهي، نئون ڏينهن اچڻ وارو آهي، عوام جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي ڏاهن کي سلام پيش ڪريان ??و، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين، ڪنهن سان ??اانصافي نه ڪ??داسين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ وجهنداسين نه ڪ??هن سان ??اانصافي ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. ميان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سڀني ساٿين جو ٿورائتو ??هيان جن بي ا??تمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون.
اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔