اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ??اڪ??تان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي. گڏيل عرب امار??ت جي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي گڏيل عرب امارات پاران ??اڪ??تان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امار??ت جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم گڏيل عرب امار??ت جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم رڳو 50 سالن جي عرصي ۾ ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي گڏيل عرب امار??ت جي قيادت جي ويزن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر، غذائي تحفظ ۽ روزگار ??ا موقعا پيدا ڪرڻ سميت اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ سدائين خاص لاڳاپا رهيا آهن جن جو بنياد گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ تي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پڻ ويجها رابطا آهن. وزيراعظم گڏيل عرب امار??ت جي ترقي ۾ سمنڊ پار ??اڪ??تانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اعليٰ سطحي رابطن سان ٻطرفي تعاون کي سگهه ملي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز