اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر سردار اياز صادق چيو آهي، ته پا??ست??ن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا لاءِ مثال آهي، پا??ست??ن کي هن وقت عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پا??ست??ن جي معاونت ٿيندي ان ئي رفتار سان اسان وڌيڪ انساني ??ياتيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پا??ست??ن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش اپيل جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته پا??ست??ن ۾ هاڻوڪي برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آهي اها دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. موسمياتي تبديلين جي تمام وڏي قيمت پا??ست??ن کي ادا ڪرڻي پئي جڏهن ته ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪ??ل ۾ پا??ست??ن جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، جڏهن ته انهن تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پا??ست??ن شامل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي فنڊ ۾ پا??ست??ن کي ان جو حصو ڏنو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته پا??ست??ن ۾ هن سال جون کان وٺي سيپٽمبر تائين لڳاتار برساتون پيون ۽ اها هڪ غيرمعمولي صورتحال هئي. روائتي طور پا??ست??ن ۾ درياهن ۾ چاڙهه جي ڪري ٻوڏ ايندي رهندي آهي جڏهن ته هن ڀيري اها تباهي غيرمعمولي برساتن جي صورت ۾ آسمان مان نازل ٿي، ڪجهه علائقن ۾ لڳاتار برسات پوندي رهي جنهن ڪري ملڪ ۾ رستن، ريلوي ٽريڪس ۽ بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هڪ اندازي مطابق جن علائقن ۾ 50 سيڪڙووڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اتي 700 کان وٺي 1700 سيڪڙو تائين وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته لڳاتار برساتن جي ڪري انتظاميه هيليڪاپٽرن ذريعي به امداد نه پهچائي سگهي. هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بي??ل آهي جيئن ئي پاڻي گهٽجندو انهن علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جون سرگرميون شروع ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم هڪ يا ٻن مهينن ۾ نه پر ان ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳي سگهي ٿو. پا??ست??ن گڏيل قومن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن نقصان جي شدت جو اندازو لڳايو آهي. پا??ست??ن کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.
پاڪستان کي عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ان ئي رفتار سان اسان وڌيڪ انساني زندگيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين: وفاقي وزير سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا