اسلام آ??اد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي امدادي سامان کڻي خصوصي جهاز اڄ رات 10 وڳي ترڪيه ??وا??و ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي 130 جهاز چڪلالا ايئربيس تان آرمي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم کڻي س??و ترڪيه جي زلزلي کان متاثر علائقن ۾ پهچند??. 7 ??يبروري جي صبح پي آءِ اي جي اڏام تان 50 ماڻهو ۽ 15 ٽن سامان ترڪيه ??وا??و ٿيندو. ٽيم ۾ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار به شامل آهن. 7 فيبروري تي لاهور کان سي 130 جهاز 7 ٽن امدادي سامان کڻي استنبول ??وا??و ٿيندو. امدادي سامان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن. 8 فيبروري تي پي آءِ اي جي اڏامن جي ذريعي اسلام آ??اد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام موڪليو ويندو. صحت واري وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون ترڪيه ۽ شام موڪليون وينديون.
وزيراعظم جي هدايت تي امدادي سامان کڻي خصوصي جهاز ترڪيه روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : apostas quina