اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف عمان جي سلطان ه??ثم بن طارق بن تيمور آل سع??د سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف عمان جي سلطان ه??ثم بن تيمور آل سع??د کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائ?? جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پاڙيسرين جي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي سلطان وزيراعظم جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جو عمان جي سلطان سان ٽيليفونڪ رابطو، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی