پيرس – 23 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي سرم??يو ۽ پاڪستان جو فخر آهن، سمنڊ پار پاڪستانين س??ائين ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اها ڳالهه هن فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن س??ن ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير شاندار استقبال تي پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ديارغير ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي بصيرت انگيز قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي جو سفر جاري رهندو. ان موقعي تي پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن پاڪستان ۾ 9 مئي جي واقعن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن چيو ته (ن) ليگ اقتدار ۾ ايندي ئي عام ماڻهو جي ڀلائي کي پنهنجو مشن بڻايو. هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت اڳ وانگر تيز رفتاري سان عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا جيڪي ساراهه جوڳا آهن.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي سرمايو ۽ پاڪستان جو فخر آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج