اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪ??مي?? ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير اح??د شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪ??مي??ي سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀارت انهن جي ڊگهي قيد کي ختم ڪري جن جو ”بنيادي ڏوهه“ انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن سياسي قيدين کي آزاد ڪي?? وڃي ۽ انهن تي هنيل هٿ ٺوڪين الزامن کان انهن کي آزاد ڪي?? وڃي. ترجمان چيو ته شبير اح??د شاهه هن مهيني پنهنجي مسلسل نظربندي جا 6 سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. ترجمان چيو ته شبير اح??د شاهه پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري 36 سال جيل ۾ گذاري چڪو آهي. هن چيو ته شبير اح??د شاهه جي قيد جو ڪل مدو ان جي زندگي جي اڌ کان وڌيڪ آهي، ان کي انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل بجاطور ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو آهي.
پاڪستان پاران ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير احمد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز