اسلام آباد – 31 ??? ج??لاءِ (اي پي پي) چين جي نائب ??زيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اچڻ تي وزيراعظم هائوس جي مرڪزي دروازي تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. بعد ۾ هن وف??قي ڪابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد نويد قمر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پن??نجي وف?? جو چيني نائب ??زيراعظم سان تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ چيني وف?? جو وزيراعظم شهباز شريف سان تعارف ڪرايو ويو. واضح رهي ته پاڪستان حڪومت جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب ??زيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آه??. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي نائب ??زيراعظم ۽ وف?? جو پاڪستان اچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پن??نجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس وف?? سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وف?? گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35
چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس