اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم شهد??ءِ پوليس جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي فرض شناس فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿ??، جن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ل??ءِ شهادت ماڻي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي جنگ جتي پاڪ ف??ج جون لازوال قربانيون آهن، اتي پوليس جي جوانن پڻ هر موقعي تي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ جي لا??ِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ جي انهن سمورن پٽن، ڌيئرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي پنهنجي ملڪ جي خدمت تي سلام پيش ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا