اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بٽگرام چيئر لفٽ واقعي جي متاثرين کي ڪاميابي سان ريسڪيو ڪيو ويو، چو??ڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، نگران حڪومت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا گهربل آهن، سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن چو??ڊ مهم جي لاءِ به ڏيڻا آهن، چو??ڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي، اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سي اين اين انٽرنيشنل“ سان ڳالهائيندي ڪيو. چيئر لفٽ واقعي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته چيئر لفٽ واقعو خيبرپختونخواهه جي ڏورانهين علا??قي بٽگرام ۾ پيش آيو جتي ريسڪيو جي ڪوششن ۾ ڪافي مشڪلاتو?? هيون. هن ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا کي جڏهن واقعي جي اطلاع ملي ته ان صوبائي ۽ وفاقي اٿارٽيز سان رابطو ڪيو، آرمي ايوي ايشن، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان آرمي جي اسپيشل سروس گروپ جي جوانن ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ڪاميابي سان ريسڪيو آپريشن کي ڪامياب بڻايو ۽ سمورن متاثرين کي حفاظت سا?? هيٺ لاٿو. هن چيو ته صوبائي حڪومت سمورين چيئر لفٽس جي تفصيلي معائني جا حڪم ج??ري ڪري ڇڏيا آهن، علا??قي ۾ سمورين چيئر لفٽس جو معائنو ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هي علائقو 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ سان شديد متاثر ٿيو، هتي انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو هو، توهان سمجهي سگهو ٿا ته موسمياتي تبديلي ڪهڙي طرح هن علا??قي کي متاثر ڪيو. چو??ڊون منعقد ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آئيني ادارو آهي جيڪو چو??ڊون منعقد ڪرڻ جو ذميوار آهي، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا گهربل آهن، ان کانسواءِ سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن چو??ڊ مهم جي لاءِ ڏيڻا هوندا آهن ان لاءِ چو??ڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته نگران حڪومت هڪ هفتو اڳ ئي چارج سنڀالي آهي، اسان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي پنهنجو ٽائيم ٽيبل ج??ري ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته چو??ڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، ان ۾ نگران حڪومت جو ڪو ڪردار نه آهي.
بٽگرام چيئر لفٽ واقعي جي متاثرين کي ڪاميابي سان ريسڪيو ڪيو ويو، چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي، نگران حڪومت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، چونڊن ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ