ڪراچي – 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊ عمل هر صورت ۾ جاري رهڻ گهرجي، معيشت، پرڏيهي پاليسي، مقامي حڪومتن، گورننس ۽ سول سروس ريفارمز سميت ملڪ کي در??يش وڏن مسئلن تي بحث ٿيڻ گهرجي، ليول پ??يئنگ فيلڊ جي شڪايت ڪندڙ پارٽي سياست ۾ به جمهوريت آڻين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ 2024ع جي چونڊن بابت منعقد سيمينار بعنوان ”نئين حڪومت جي لاءِ چئلينجز ۽ روڊ ميپ“ کي خطاب ڪ??دي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سيمينار ۾ مقررين تاريخي پس منظر کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو ۽ جهڙي طريقي سان ڳالهه ٻول??ه ٿي ان کانپوءِ اظهار راءِ جي آزادي تي پاب??دي جو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جمهوري نظام ۽ چونڊ عمل ۾ ڪيترين ئي خامين جي باوجود هر هڪ جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته چونڊون ٿيڻ گهرجن، اهو عمل نه رڪجڻ گهرجي. هن چيو ته 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جي جوڙجڪ کانپوءِ مستقل مزاجي سان چئي رهيا آهيون ته چونڊون ضرور ٿينديون ۽ 8 فيبروري جي مقرر تاريخ تي ئي ٿينديون. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ موسم جا مسئلا حقيقي آهن پر اهي مسئلا اڳ ۾ به رهيا آهن. 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ به سيڪيورٽي جا مسئلا هئا، پاڪستان جي پهرين ب??لغ راءِ ڏيڻ جون چونڊون 7 ڊسمبر 1970ع تي شديد سرديءَ جي موسم ۾ ٿيون هيون. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي اڄ ڪيترائي مسئلا ۽ چئلينجز در??يش آهن ۽ ملڪ مختلف قسم جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪي معيشت ۾ ٽيڪس ريفارمز جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ آئين تحت مقامي حڪومتن جو نظام لازمي آهي پر بدقسمتي سان مقامي حڪومتن جو نظام بلڪل مفلوج آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ وسيلا صوبن ڏانهن منتقل ٿيا پر بدقسمتي سان اهي وسيلا هيٺئين سطح تي منتقل نه ٿي سگهيا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ليول پ??يئنگ فيلڊ جا به مسئلا رهيا آهن، ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي کي ڪڏهن به ليول پ??يئنگ فيلڊ نه ملي، حقيقي جمهوريت تڏهن ئي اي??دي جڏهن مڊل ڪلاس، لوئر مڊل ڪلاس ۽ ورڪنگ ڪلاس اليڪشن ۾ بيهي سگهندي. هن چيو ته ڪجهه پارٽيون ليول پ??يئنگ فيلڊ جي شڪايت ڪن ٿيون ڇا ڪير انهن کان پڇي ته ڇا انهن جي پارٽي جي اندر جمهوريت آهي؟ ڇا انهن پنهنجي پارٽي ۾ ڪڏهن اليڪشن ڪرايون آهن؟ ليول پ??يئنگ فيلڊ جي شڪايت ڪندڙ پارٽي سياست ۾ به جمهوريت آڻين. هن چيو ته معيشت، پرڏيهي پاليسي، مقامي حڪومتن، گورننس ۽ سول سروس ريفارمز ملڪ جا حقيقي ۽ بنيادي مسئلا آهن، اسان کي انهن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ۽ اليڪشن کانپوءِ ملڪ کي در??يش وڏن چئلينجز تي قومي اتفاق راءِ هجڻ گهرجي. هن چيو ته سياست ضرور ڪريو پر ملڪ جي مستقبل تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.
چونڊ عمل هر صورت ۾ جاري رهڻ گهرجي، معيشت، پرڏيهي پاليسي، مقامي حڪومتن، گورننس ۽ سول سروس ريفارمز سميت ملڪ کي درپيش وڏن مسئلن تي بحث ٿيڻ گهرجي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا