اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايراني سفارتخاني جو دورو ڪ??و. ??ن پاڪستان ۾ ايراني سفير سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪ??و. ??زيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم شهباز شريف چيو ته مون کي پنهنجي ڀاءُ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر سان وڏو صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جون سموريون همدرديون ۽ دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ شاندار عالم ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ هو، پاڪستان اڄ ڊاڪٽر رئيسي جهڙي مخلص ۽ اعليٰ خصوصيتن جي مالڪ ڀائرن جهڙو دوست وڃائي ڇڏيو، ان جي پنهنجي قوم ??ان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقا??ي تعاون جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني صدر رئيسي جي پاڪستان جي دوري اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪ??و. ??ن دعا ڪ??ي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني قوم ??و مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايران سان گڏ بيهڻ تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته مرحوم ??در ڊاڪٽر رئيسي به وزيرا??ظم شهباز شريف کي بهترين انسان ۽ ايران جو دوست سمجهندو هو، مرحوم ??در رئيسي جي لاءِ وزيرا??ظم شهباز شريف جي جذبن ۽ ان جي لفظن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، مرحوم ??در ابراهيم رئيسي جي پاڪستان ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. وزيرا??ظم شهباز شريف ايراني صدر جي اعزاز ۾ سفارتخاني جي وزيٽر بڪ ۾ تعزيتي تاثرات پڻ لکيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ايراني سفارتخاني جو دورو، ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک