اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي امن، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پا??ستان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو، آسيان جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيا?? مطابق پرڏيهي سيڪريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هين ??سيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ پا??ستاني وفد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ پا??ستان جي نمائندگي ڪندي هن چيو ته ايشيا پيسفڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي پا??ستان جي نقطه نظر بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي گروپن جي سياست بدران ڳالهين ??ي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهش?? مطابق ان تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري غزه ۽ افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي پا??ستان جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل داتو است??ه عبدالعزيز، چين ??ي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل داتو سري عمران محمد زين ??ان پڻ ملاقات ڪئي.
پاڪستان آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو: محمد سائرس سجاد قاضي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ