اسلام ??باد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته صحت واري عالمي اداري طرفان منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به ان بيماري جي ??وا??ي سان سخت نگراني جي ضرورت آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ منڪي پاڪس جي ??وا??ي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن ملڪ جي هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ بارڊرز تي منڪي پاڪس جي اسڪريننگ جي نظام کي موثر بڻائڻ، بارڊر هيلٿ سروسز کي صورتحال جي ڀرپور نگراني ۽ سخت سرويلنس، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي منڪي پاڪس صورتحال تي گهري نظر رکڻ جي ??وا??ي سان روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ منڪي پاڪس جي جاچ جي ??وا??ي سان سمورن ضروري اوزارن ۽ ڪٽس جي فراهمي يقيني بڻائڻ، منڪي پاڪس جي پکيڙ کي روڪڻ جي ??وا??ي سان صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سان رابطا بهتر بڻائڻ ۽ منڪي پاڪس جي ??وا??ي سان موثر ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هو منڪي پاڪس جي ??وا??ي سان هفتيوار بريفنگ وٺندو، بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ويجهڙ ۾ ئي ضلع مردان جي هڪ شخص ۾ منڪي پاڪس جي وائرس جي تصديق ٿي آهي. متاثر شخص روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه رهيل هو ۽ ويجهڙ ۾ ئي پاڪستان آيو. متاثر شخص کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي، متاثر شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت منڪي پاڪس جي لوڪل ٽرانسميشن ناهي، صحت واري عالمي اداري طرفان 14 آگسٽ 2024ع تي منڪي پاڪس کي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان منڪي پاڪس جي ??وا??ي سان نيشنل ايڊوائيزري ۽ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون منڪي پاڪس جي ??وا??ي سان آگاهي مهم جي شروعات ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته منڪي پاڪس جي ??وا??ي سان سول ايوي ايشن اٿارٽي پرڏيهه مان ايندڙ اڏ??من جي نگراني ڪندي. صوبائي حڪومتون گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي حڪومت سميت اسلام ??باد ڪيپيٽل ٽيريٽري، انتظاميه وڏن اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊز ۽ بسترا منڪي پاڪس جي امڪاني مريضن لاءِ مخصوص ڪيا آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت ڪو آرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام ??يدر ملڪ، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، چيف ڪمشنر اسلام ??باد، ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، منڪي پاڪس جي ازالي لاءِ موثر ۽ جامع آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری