اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نا??يڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظ?? چيو ته اسلام امن جو دين آهي ۽ ذاڪر نا??يڪ اسلام جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ڊاڪٽر ذاڪر نا??يڪ جي آجيان ڪندي چيو ??ه مسلمان امت توهان تي ناز ڪري ٿي ته توهان سڄي دنيا کي اسلام جي صحيح تشخص کان روشناس ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته توهان جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وزيراعظ?? چيو ته آئون توهان جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تاثير سان ڀرپُور هوندا آهن. وزيراعظ?? چيو ته مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خوشي ٿي ته توهان جو پٽ به توهان جي نقش قدم تي هلي رهيو ??هي ۽ دين اسلام جي خدمت ڪري رهيو ??هي. وزيراعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نا??يڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذاڪر نا??يڪ چيو ??ه مون 1991ع ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي ياد تازي آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نا??يڪ چيو ??ه پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. وزيراعظ?? چيو ته جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذاڪر نا??يڪ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ??ه هو اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذاڪر نا??يڪ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذاڪر نا??يڪ چيو ??ه اڄ منهنجي پاڪستان اچڻ جي خواهش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي، پاڪستان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، پاڪستان جي عوام جو اسلام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي خواهش پوري ڪئي ۽ آئون پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آيو ??هيان، ان تي آئون پاڪستان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ??ه پاڪستان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پاڪستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ