اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته چين اسان جو ٻيو وطن آهي، ڏکويل چيني خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڪراچيءَ ۾ چيني گاڏيءَ تي خودڪش حملي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي وفاقي وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ- چين دوستي تي حملو ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، اسان واقعي ج?? سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين و چ ۾ ڪاروباري ڀائيواري ۽ وڏي سيڙپڪاري ملڪ دشمن عنصرن کان هضم ناهي ٿي رهي. عبدالعليم چيو ته قومي سلامتي جا ادارا دهشتگردي جي ناسور کي جلد ئي پاڙؤن پٽي اُڇلائيندا. پاڪ- چين دوستي هر ط??ح جي حالت?? ۾ ??زمايل آهي?? اهڙين ڪاررواين سان اهي لاڳاپا ڪمزور نٿا ٿي سگهن. عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته چين اسان جو ٻيو وطن آهي، ڏکويل چيني خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
پاڪ- چين دوستي تي حملو ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش