اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو اسڪول جي ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جا قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڌماڪي ۾ ٽن ٻارن ۽ هڪ پوليس ??هلڪار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين ??ي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. وزيراعظم واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي. دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. اهڙا حملا حڪومت جي بلوچستان ۾ تعليم جي ترقي جي فروغ جي عزم کي ڪ??زور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ان لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم ??ي لاءِ قربانيون ڏيندڙ پوليس ??فيسرن ۽ جوانن تي سڄي قوم کي فخر آهي.
دهشتگردن جو مستونگ ۾ اسڪول جي ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی