اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سنگاپور ۾ پاڪستان جي ??اءِ ڪمشنر رابعه شفيق سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول 2024ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه هاءِ ڪميشن طرفان جاري بيان موجب افتتاح جي ??وقعي تي هاءِ ڪمشنر سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني ڪمپنين جي شرڪت جي ??اکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ??مت افزائي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جا ڪاروباري ماڻهو ۽ ادارا عالمي حصيداري قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ??ڌندڙ فني مهارت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ان موقعي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن. هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان جو تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ٽيلينٽ، ايشيائي مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ هڪ ??ازگار ٽائيم زون رکندڙ اسان جي ??لڪ کي سڄي دنيا جي ڪمپنين لاءِ هڪ پرڪشش آءِ ٽي مرڪز بڻائي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڌيان ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان برانڊ کي هٿي ڏيڻ تي آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ??يڪنالاجي جي شعبي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. رابعه شفيق ٻڌايو ته هن سال جي ??يسٽيول ۾ 10 مک پاڪستاني فن ٽيڪ ڪمپنين جو هڪ وفد شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي فن ٽيڪ صنعت ۾ هڪ ??هم رانديگر طور پاڪستان جي اڀرندڙ ڪردار ??ي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ انهن ڪمپنين جي ??وجودگي سنگاپور فن ٽيڪ ايڪو سسٽم سان جڙيل هجڻ ۽ عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ پنهنجي ??وزيشن قائم ڪرڻ جي ??اڪستان جي عزم جي اجاگر ڪري ٿي. مشهور شرڪت ڪندڙن ۾ پاڪستاني فن ٽيڪ فرم حڪيم ايپ کي سنگاپور جي ??انيٽري اٿارٽي طرفان Fintech ايڪسي لينس ايوارڊ“ 2024ع لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. اها باوقار سڃاڻپ پاڪستان جي ??ن ٽيڪ سيڪٽر جي ??ڌندڙ طاقت ۽ جدت جي عڪاسي ڪري ٿو. سنگاپور جو سالي??نو فن ٽيڪ فيسٽيول فن ٽيڪ اسپيس ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ باا ثر پروگرامن مان هڪ ??هي جيڪو اسٽاٽ اپس ۽ قائم ڪمپنين لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم پيش ڪري ٿو ته جيئن هو پنهنجي ??ختلف شين کي متعارف ڪرائي سگهن ۽ ان شعبي ۾ نوان موقعا ڳولين.
سنگاپور ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق پاران فن ٽيڪ فيسٽيول 2024ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم