اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام کانپوءِ جامع ۽ پائيدار اؤسر طرف سفر جي شروعات ڪئي وئي آ??ي، نجي شعبي کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان قيادت ڪرڻي آ??ي، مورگيج فنانسنگ لاءِ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ فورٿ ڪلوزر ضروري آ??ي. پاڪستان مورگيج ري فنانس ڪمپني (پي ايم آر سي) جي انتظام هيٺ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته معاشي استحڪام سان هاڻي جامع ۽ پائيدار اؤسر طرف سفر جي شروعات ڪئي وئي آ??ي. گذريل 14 مهينن دوران حڪومت معاشي محاذ تي هاڪاري اڳڀرائي ڪئي آ??ي. ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن ۽ مالي خساري ۾ نمايان گهٽتائي آئي آ??ي. ڪرنٽ اڪائونٽ جا کاتا گذريل ڪيترن مهينن کان مستحڪم رهيا آهن، ملڪي ڪرنسي مستحڪم آهي، پرڏيه?? مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، امپورٽ ڪور کي ٻن هفتن کان وڌي اڍائي مهينا ٿي چڪو آهي، ان سال جي پڄاڻيءَ تائين اسان وٽ ٽن مهينن جي آ??دني واپار لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو دستياب هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته مهانگائيءَ جي شرح گهٽ ٿي آ??ي. نومبر ۾ مهانگائيءَ جي شرح 78 مهينن جي گهٽ ترين 4.9 س??ڪڙ?? جي سطح تي اچي چڪي آ??ي. ڪائبور 13 س??ڪڙ?? جي ويجهو آهي جنهن سان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿئي ٿي ته اسان صحيح رُخ تي اڳتي وڌي رهيا آهيون، وياج جي شرح ۾ گهٽتائيءَ سان صنعتن ۽ گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير جي شعبي کي به فائدو پهچندو. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صرف پاليسي فريم ورڪ جي حوالي سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪاروبار ۾ مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي، حڪومت سبسڊي ۽ ٻيون سهولتون ضرور ڏيندي ته جيئن مداخلت تمام گهٽ ٿئي، ڇاڪاڻ ته اسان سمجهون ٿا ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان نجي شعبي کي ملڪ جي قيادت ڪرڻي آ??ي. هن چيو ته پاڪستان مورگيج ري فنانس ڪمپني سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن جي عڪاسي انگن اکرن مان ٿي رهي آ??ي. هن چيو ته هائوسنگ جو آبادي ۽ آبهوا ۾ تبديلين جهڙن ٻن اهم مسئلن جو سِڌيءَ ريت تعلق آهي، انهن مسئلن جي حل لاءِ اسان انتظار نٿا ڪري سگهون. پاڪستان جي آبادي 2.5 س??ڪڙ?? جي شرح سان وڌي رهي آ??ي، چائلڊ اسٽنٽنگ ۽ ٻين مسئلن سان گڏوگڏ هائوسنگ جو شعبو به وڌندڙ آباديءَ سان ڳنڍيل آهي، آبهوا ۾ تبديليون ٻيو وڏو مسئلو آهي، 2022ع جي ٻوڏ سان پاڪستان بُريءَ طرح متاثر ٿيو ۽ اها تباهي ان مسئلي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آ??ن، اسان کي موسمياتي لحاظ کان موزون هائوسنگ طرف وڃڻو پوندو. مورگيج فنانسنگ لاءِ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ فورٿ ڪلوزر ضروري آ??ي، ان مسئلي جي حل لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سميت سمورن ڀائيوارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مورگيج فنانس لاءِ ڪجهه مائڪرو فنانس بئنڪون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ٻيون بئنڪون به سامهون اچي رهيون آهن. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوالي سان حڪوم?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته ان ۾ نجي شعبي جو ڪردار اهميت رکي ٿو.
معاشي استحڪام کانپوءِ جامع ۽ پائيدار اؤسر طرف سفر جي شروعات ڪئي وئي آهي: ناڻي واري وفاقي وزير جو ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste