ڪراچي-08 جنوري (اي پي پي) ناڻي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ کي جٽادار واڌ طرف وٺي وڃڻ ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪردار اهم??ت وارو آهي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن اهڙو اظهار ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب جو خاص مهمان هو. ان موقعي تي ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، سڌ سماءَ وا??و وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وفاقي وزير، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، ڪراچي جي واپاري برادري جا نمائندا ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. ناڻي وا??ي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي سان ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، آءِ ايم ا??ف سان ايس بي اي ۽ توسيعي فنڊ سهولت پروگرام جو بنيادي مقصد ڪل معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ان کي روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار اوسر طرف وٺي وڃڻ هو جنهن جا بهترين نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته ڍانچيوار سڌارن جي حوالي سان پاليسي سازي ۽ ان تي عملدرآمد تي اسان جو ڀرپور ڌيان آهي. ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون، ڪسٽم ۾ فيس ليس انٽر ايڪشن جو نظام جوڙيو ويو آهي، توانائي ??ي شعبي ۾ سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ جامع ايجنڊا تحت ڪم جاري آهي، پينشن جي نظام ۾ سڌارن تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي. قرضن جي ادائيگي ۾ بهتري آئي ??هي. اسان وفاقي حڪومت جي خرچن ۽ ڳاڻيٽي ۾ گهٽتائي ??ڻي رهيا آهيون، 42 وزارتن ۽ 400 لاڳاپيل ادارن جو جائزو ورتو پيو وڃي، اهو عمل آهستي آهستي اڳتي وڌائي ??هيا آهيون، ان حوالي سان فيصلا سازي ٿيندي آهي، وزيراعظم ۽ ڪابينا منظوري ڏيندي آهي ۽ ان تي عمل شروع ٿيندو آهي. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج گذريل هڪ سال ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، انڊيڪس ۾ 65 هزار پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، لسٽيڊ ڪمپنين جي انگ ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، وڌيڪ آءِ پي اوز اچي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ کي پائيدار واڌ طرف وٺي وڃڻ ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪردار اهم ا??ميت رکندڙ آهي، ملڪ جو دارومدار بئنڪنگ جي صنعت تي آهي، هن چيو ته اسٽارڪ مارڪيٽ ۾ ٽيڪسيشن جي حوالي سان مسئلن کي حل ڪيو ويندو، ناڻي وا??ي وزارت ان حوالي سان سموريون سهولتون فراهم ڪندي. ان کان اڳ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر فرخ سبزواري چيو ته ڪل معيشت جي استحڪام ۽ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ??ان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان تيزي آئي ??هي، اسان پنهنجي چيني حصيدارن جا به ٿورائتا آهيون، چيني اسٽاڪ ايڪسچينجز سان اسان جي بهترين حصيداري آهي، اسان چين جي ٽن اسٽاڪ ايڪسچينجز سان ايم ا?? يوز تي صحيحيون ڪيون آهن ۽ اسان جي وچ ۾ فني معاونت جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ سال ۾ 80 سيڪڙو جو رٽرن ڏنو آهي جيڪو مارڪيٽ جي بهترين ڪارڪردگي جي عڪاسي ڪري رهيو آهي، مشڪلاتن باوجود اسان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، مارڪيٽ ۾ وڏي گنجائش موجود آهي، هن چيو ته مارڪيٽ ۾ 525 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، 70 سيڪڙو ٽريڊنگ واليوم شريعه ڪمپلائينٽ آهي جڏهن ته هن وقت مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو 52.5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته اسان فرنٽيئر مارڪيٽ جو حصو آهيون پر اسان جو حصو 5.4 سيڪڙو آهي جيڪو گهٽ آهي، ان ۾ آهستي آهستي اضافو ڪرڻو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن کي 100 ارب ڊالرن تائين پهچايو وڃي. هن وقت جي ڊي پي جي شرح سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو حصو 14 سيڪڙو آهي جنهن ۾ اضافو ڪيو ويندو، هن چيو ته نئين اسٽارٽ اپس ۽ نئين ڪمپنين جي حوصلا افزائي ??ان گڏوگڏ بچتن ۽ سيڙپڪاري تي ڀرپور ڌيان ضروري آهي. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ بزنس لاءِ اوپن آهي ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.
ملڪ کي جٽادار واڌ طرف وٺي وڃڻ ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو ڪردار اهميت وارو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن