انقره-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيه ۾ ايراني سفير محمد حسن حبيب الله زاده چيو آهي ته سندس ملڪ تي اسرائيل جي امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. مراڪش اخبار کي انٽرويو ۾ ايراني سفير چيو ته اهو دور ختم ٿي ويو آهي جڏهن ايران پنهنجي اصولن تي پوري طرح ع??ل پيرا هو. جيڪڏهن صيهوني حڪومت ايران تي حملو ڪيو ته ان کي سخت ۽ زبردست جواب کي منه?? ڏيڻو پوندو. ايران ڪو اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو جنگ ڦهلائڻ چاهي ٿو. اسان لبنان ۽ فلسطين ۾ صرف ان شرط تي جنگ بندي چاهيون ٿا ته انهن قومن ۽ انهن ج?? آبادين جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. حبيب الله زرده اها به نشاندهي ڪئي ته جيڪي ماڻهو سڌي ريت تڪرار ۾ ملوث نه آهن انهن کي ايران خلاف اسرائيل جي حملن يا جارحيت ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ ايران جوابي ڪارروائي ڪندو. ايراني سفير چيو ته ايرا??ي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو ترڪيه جي دوري جو امڪان آهي. جتي هو 3+3 ڏکڻ قفقاز اجلاس جي هڪ ڌُر طور ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ان فارميٽ جو ٽيون سيشن جنهن ۾ آرمينيا، آذربائيجان، روس، ايران، ترڪيه ۽ جارجيا شامل آهن، ترڪيه ۾ ٿيڻ وارو آهي. ٻطرفي لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي ايراني سفير چيو ته تهران ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دوري جو منتظر آهي.
اسرائيل جي امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو: ايراني سفير
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania