واشنگٽن-25 آڪٽوبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب انڊيور نالي جهاز ذريعي زمين تي واپس آيل خلابازن ۾ ناسا جي خلاباز ميٿيو ڊومينڪ، مائيڪل بي??اٽ?? جينيٽ ايپس ۽ روسي خلاباز اليگزينڊر گريبينڪن شامل هئا. عالمي خلائي اسٽيشن تي پنهنجي 233 ڏينهن جي ترسڻ دوران خلابازن انساني صحت، مٽيريل سائنس ۽ زراعت سميت مختلف شعب?? ۾ 200 کان وڌيڪ تجربا ڪيا جن جو مقصد مستقبل جي ڊگهي وقت جي خلائي مشنن لاءِ ضروري ڄاڻ کي اڳيان وڌائڻ ۽ زمين تي زندگيءَ کي فائدو پهچائڻ آهي. خاص طور تي هنن دماغي آرگنائيزڊ ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجهه تي مائڪرو گريوٽي جي اثرن جو مطالعو ڪيو، جنهن سان ڳالهه کي بهتر سمجهڻ ۾ مدد ملي ته جاندار خلائي حالتن مطابق ڪيئن سمائجي سگهن ٿا. سامونڊي طوفان ملٽن ۽ عل??ئقي ۾ ٻين طوفانن سبب خراب موسمي حالتن سبب ابتدائي طور تي مشن کي واپسيءَ ۾ دير ٿي هئي.
ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل