ٽورنٽو – 4 نومبر (اي پيپي ) ڪينڊا جي وزيراعظم ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ ٿيل تشدد جي واقعي جي مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽورنٽو جي علائقي بريمپٽن ۾ هندو سڀا مندر ۾ چڪريون ٿيون جنهن جو الزام ڪجهه سک ڪارڪنن تي لڳايو ويو آهي. بريمپٽن ٽورنٽو جي اتر اولهه ۾ اٽڪل 50 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته هندو سڀا مندر ٻاهران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ريجنل پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي. ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا مندر ۾ تشدد جون ڪاروائيون قبول ڪرڻ جوڳيون نه آهن. ڪينيڊا جي هر شهري کي آزادي ۽ تحفظ سان پنهنجي عقيدي تي عمل پيرا ٿيڻ جو حق آهي. لبرل پارٽي جي هڪ ميمبر چندر آريا ان وقعي جو الزام خالصتانين تي لڳايو آهي. هن ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ڪينڊا جي خالصتاني انتهاپسندن ريڊ لائن پا?? ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا جي اڱڻ ۾ هندو ڪينڊين عقيدت مندن تي خالصتانين جو حملو ظاه?? ڪري ٿو ته ڪينيڊا ۾ خالصتاني پرتشدد انتها پسندي ڪيتري وڌي ??ئي آهي. سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ ويڊيو ۾ خالصتان جا ڦڪي ر??گ جا جهنڊا ڏيکاريا ويا آهن، واضح رهي ته خالصتان هڪ عليحدگي پسند تحريڪ آهي، جيڪا سکن لاءِ هڪ الڳ رياست جو مطالبو ڪري ٿي، ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ناتا هن وقت ڇڪتاڻ اختيا?? ڪري ويا آهن. جڏهن ته اوٽاوا ڀارتي حڪومت تي 2023ع ۾ 45 ورهين جي ڪينيڊا جي شهري هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي ر??ابندي جو الزام لڳايو، جيڪو خالصتان تحريڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. هرديپ سنگهه نجر جي قتل کان علاوه ڪينيڊا ڀارت تي اهو به الزام لڳايو آهي، ته اهو سندن ڌرتي تي سکن کي نشانو بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي مهم هلائي ر??يو آهي.
ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ تشدد جو واقعو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي: ڪينڊا جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔