اس??ام آباد-18 جنوري (اي پي پي) آمريڪا پاڪستان،عراق ۽ شام ۾ ايراني حملن جي مذمت ڪئي آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر پريس بريفنگ دوران چيو ته اسان ايران پاران ٽن ملڪن جي حدن ۾ حملا ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪ??ون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪجهه ڏينهن کان ايران کي پنهجي ٽن پاڙيسري ملڪن جي خودمختياري ۽ سرحدن جي خلاف ورزي ڪندي ڏسي رهيا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايران جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، ايران هڪ طرف خطي ۾ دهشتگردي ۽ عدم استحڪام لاءِ فنڊنگ ڪري ٿ?? جڏهن ته ٻئي پاسي ايران دهشتگردي خلاف ڪاروا??ون ڪرڻ جو دعويدار آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي ترجمان چيو ته اسان احمر سمنڊ ۾ حوثين پاران وڌنڌڙ حملن جي پڻ مذمت ڪ??ون ٿا.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo