قاهره- 29 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۽ مصر هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل طور تي غزه پٽي ۾ جاري ويڙهه روڪڻ ، فوري جنگ بندي ۽ متاثر ماڻهن تائين امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪ??و آهي. العربيه مطابق سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چ??و آهي ته مملڪت غزه پٽي ۾ ويڙهه روڪڻ ، فوري جنگ بندي ۽ متاثر ماڻهن تائين امداد جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏئي ٿي. هن قاه??ه ۾ پنهنجي مصر جي هم منصب سامح شڪري سان پريس ڪانفرنس ۾ چ??و آهي ته مملڪت علائقائي مسئلن تي مصر سان گڏيل سهڪار جي خواهشمند آهي. هن عالمي برادري طرفان فلسطينين کي ملن??ڙ اجتماعي سزا روڪرائڻ لاءِ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل طرفان فلسطينين کي ملن??ڙ اجتماعي سزا ڏيڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. اسرائيل فلسطينين جي حوالي سان عالمي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪري ره??و آهي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير غزه ۾ فوري ۽ جامع جنگبندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو.
سعودي عرب ۽ مصر طرفان غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ امداد جي فراهمي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار