گڏيل قومون _ 2 مئي (اي پي پي ) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سل??متي ڪائونسل تي دٻاءِ وجهي ته هو فلسطين عوام سان ٿيندڙ تاريخي نا انصافين جو ازالو ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت لاءِ فلسطين جي در??وا??ت تي نظر ثاني ۽ سفارش ڪري . گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم هڪ ملاقات ۾ چيو ته گڏيل قومن جي مڪمل رڪن جي طورتي رياست فلسطين جو ٻه رياستي حل ۽ فلسطيني عوام سان گڏ ٿيندڙ تاريخي نا انصافي جي ازالي طرفان هڪ ٺوس سياسي قدم هوندو . هن چيو ته هن وقت فلسطين ، اسرئيل ۽ خطي ۾ امن لاءِ سفارتڪاري جاري آهي . جيڪڏهن ويٽو پاور استعمال نه ڪيو ويو ۽ سل??متي ڪائونسل طرفان گڏيل قومن ۾ فلسطين جي ش??وليت جي سفارش ڪئي وئي ته ان ۾ گهڻي تيزي ايندي . سفير گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو غزه ۾ فوري جنگ بندي لاڳو ڪرائي .
جنرل اسيمبلي فلسطينين جي آزاد مملڪت جي منظوري لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل تي دٻاءِ وجهي . پاڪستان
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت