ڪراچي– 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير سرتاج عزيز چيو آهي ته آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون،هندستان هر ممڪن ??وش?? ڪري رهيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي تان عالمي سطح تي ڌيان هٽايو وڃي،حافظ سعيد کي نيشنل ايڪشن پلان تحت نظربند ??يو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو آمريڪي صدر ڊون??ڊ ٽرمپ سان پهريون رابطو انتهائي خوشگوار رهيو،اس??ن جا ۽ آمريڪا جا ڪجهه گڏيل مقصد آهن جنهن ?? افغانست??ن جي صورتحال،دهشت گردي جو خاتمو ۽ واپار وڌائڻ سرفهرست آهن. هن چيو ته نئين آمريڪي انتظاميه سان سٺن ۽ پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته هندستان پوري ??وش?? ڪري رهيو آهي ته ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ پاڪستان تي ڪوڙا الزام هنيا وڃن.
آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن