اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست ۾ تعليم ۽ هيٺين ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو، رياست مدينه جي ماڊل جي پيروي ڪندي موجوده حڪومت انساني وسيلن جي تر??ي ۽ معاش??ي مان غربت جي خاتمي جي لاءِ تعليم خاص طور تي اعليٰ تعليم جي شعبي کي اولين اهميت ڏئي رهي آهي، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ بدلا??ڻ جو مقصد به تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ حڪمران طب??ي ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪرڻ آهي، معاشي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي، احتساب مهم جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ رقم کي تعليم جي شعبي تي خرچ ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ اسلام آباد نيشنل يونيورسٽي جي افتتاحي ڪانفرنس ۾ ”??اڪ??تان جي لاءِ اڀرندڙ چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي خطاب ??ندي چئي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی