لاهور – 02 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڃا به ڀارتي جارحيت جو خطرو موجود آهي، جنگيون شروع ڪرڻ آ??ان ۽ انهن کي ختم ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي، روس پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ثالثي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان موجوده صورت??ال تي رڳو خطي نه پر خطي کان ٻاهر به ملڪن ??ان مڪمل رابطن ۾ آهي، پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ان جي خاتمي جي حل جي معاملي تي اڄ آچر تي برطانوي ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن کي خط لکند??، سومر تي برطانوي ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن پاران پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ قراداد پڻ آندي ويندي، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي پارليامينٽ ميمبرن ??ان پڻ رابطو ڪندس، اڄ پاڪستان جي مثبت رويي جي ڪري دنيا پاڪستان ??ان گڏ بيٺل آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.
اڃا به ڀارتي جارحيت جو خطرو موجود آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ