اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي لاءِ مراعتي پيڪيج، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ڊولپمنيٽ بورڊ قائم ڪ??ڻ ۽ تعميراتي شعبي کي 14 اپريل کان کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کان آمدني جو ذريعو نه پڇيو و??ندو، فڪسڊ ٽيڪس لاڳو هوندو، سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميراتي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪ??ڻ جو فيصلو ڪيو و??و آهي، نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم لاءِ 30 ارب جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، گهر وڪرو ڪندڙن کان ڪيپيٽل گين ٽيڪس نه ورتو ويندو، مڪمل لاڪ ڊائون سان امن امان جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو ??دش?? آهي، 22 ڪروڙ ماڻهن کي بند نٿا ڪري سگهون، سڄي قومي گڏجي ڪورونا کي شڪست ڏيندي، خيراتي ادارن جي سرگرمين کي جامع بڻائينداسين، زراعت ۽ مال بردار ٽرانسپورٽ جو شعبو مڪمل طور تي کليل آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اهڙو ڪو به ڪم نٿا ڪرڻ چاهيون جنهن مان ائين معلوم ٿئي ته وفاق ڪجهه زبردستي ڪري رهيو آهي، ٽائيگر فورس اوڙي پاڙي ۾ وڃي ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪندي، پرائيويٽ اسڪولن جي فيسن بابت پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، ڪورونا رليف فنڊ ڪمزور طبقي جي لاءِ قائم ڪيو و??و آهي، بجلي ۽ گئس جي بلن جي ادائيگي ۾ ٽن مهينن جو رليف ڏنو و??و آهي، ڪنهن جو ڪنيڪشن نه ڪٽيو و??ندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن تعميراتي شعبي جي لاءِ مراعتي پيڪيج جو اعلان ڪندي ڪيو.
وزيراعظم پاران تعميراتي شعبي لاءِ مراعتي پيڪيج، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ڊولپمنيٽ بورڊ قائم ڪرڻ ۽ تعميراتي شعبي کي 14 اپريل کان کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت