اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن ??ي معامل واري خاص معاون عث??ان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگسٽ کي ٽائيگر فورس ڊي طور ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز چيو ته ٽائيگر فورس جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ٽائيگر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ثابت ڪيو ته وزيراعظم عمر??ن خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عث??ان ڊار چيو ته ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ڪورونا وبا دور??ن خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم عمر??ن خان جي هدايت تي 9 آگسٽ جي ڏينهن کي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي ساراهيو ويندو.
خاص معاون عثمان ڊار جي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری