اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي 74 هين يوم آزادي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻايو ويندو، معيشت جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪورونا جي ڪيسز به گهٽ ٿي ويا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ مٿي وئي آهي، تعميرات ۽ ان سا?? لاڳاپيل صنعتن کي تاريخي پيڪيج ڏنو جنهن سا?? روزگار جا موقعا پيدا ٿي ويا ۽ ٽيڪس وصولي بهتر ٿي، انشاءُ الله حالتون وڌيڪ بهتر ٿي وينديون، پاور ڪمپنين سا?? ڊگهي ڳالهين کانپوءِ معاهدو ٿي ويو آهي، هاڻي صنعتن ۽ عوام جي لاءِ سستي بجلي دستياب هوندي، سڄو پاڪستان ڪشميرين سا?? گڏ آهي، انهن جي حق جي لاءِ دعاڳو به آهي ۽ جدوجهد به ڪندو. پاڪستان ٽيلي ويزن تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي عظيم خواب جي ت??بي?? آهي، اهي پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيندا هئا جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، سڀني انسانن کي بر??بر جا حق حاصل هجن ۽ رياست انهن جي حقن جي ضمانت ڏي، وزيراعظم چيو ته اسان ان سفر طرف گامزن آهيون ۽ جدوجهد جي ذريعي منزل تي پهچي سا??ه پٽينداسين، وزيراعظم چيو ته اڄ قوم کي ڪورونا وائرس جو گ??جي مقابلو ڪرڻ تي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي شايد ئي ڪنهن قوم ۾ ان طرح جو مثال ملي سگهي.
وزيراعظم پاران قوم کي 74 هين يوم آزادي تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania