اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، مخالف ڌر جي مفاد ۾ نه آهي ته اليڪشن شفاف ٿئي ۽ ان ۾ پئسن جو اثر رسوخ نه ??جي، هو اهڙن ماڻهن کي چون??را??ڻ چاهين ٿا جيڪي اهليت نه رکندا هجن ۽ نه ئي قابليت، انهن جون ترجيحون پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ آهي، عوام جي مفادن ۽ حقن جو ٻيڙو وز??را??ظم عمران خان کنيو آهي، جيڪو روشني جي قوت آهي، قومي چونڊن ۽ سينيٽ چونڊن جي باري ۾ اسان جو بيانيو ڪافي واضح ٿي ويو آهي ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، پٽ جي وڊيو کانپوءِ يوسف رضا گيلاني کي ٻي ئي ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ گهربو هو. هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ڪامياب ٿيندڙ سينيٽر بئريسٽر علي ظفر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل ڪيترن ئي هفتن ۽ مهينن کان عمران خان ۽ سندس حڪومت ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي هئي ته چونڊ عمل شفاف هجڻ گهرجي. هن چيو ته شفاف اليڪشن کانپوءِ اسان جي ايوان جو تقدس بحال ۽ 1985ع کان شروع ٿيندڙ پئسي جي ڪلچر جو خاتمو ممڪن آهي. پئسن جي ڪلچر سان ايوان ۾ ايندڙن جون ترجيحون عوام نه ??ر پئسو ڪمائڻ هوندو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي اسان جي سياسي ڪلچر کي پئسن سان رنڱي ڇڏيو. هن چيو ته وز??را??ظم عمران خان 2015ع کان اليڪشن سڌارن جي ڳالهه ڪئي ۽ 2018ع سينيٽ اليڪشن ۾ پنهنجي 20 ميمبرن کي فارغ ڪيو. ان کان پهرين يا پوءِ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ ائين نه ??يو. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ وز??را??ظم سپريم ڪورٽ کان رهنمائي وٺڻ، قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ ۽ صدارتي آرڊيننس جاري به ڪيو ويو، جيڪڏهن مخالف ڌر پارٽيون به اتفاق ڪري وٺن ها ته اڄ سينيٽ اليڪشن شفاف ٿي سگهن ها.
مسلم ليگ (ن) نوٽ کي ووٽ سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : bolão quina