اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستا?? کي موسمياتي تبديلي جي صورت ۾ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، وڌيڪ وڻ هڻي اسان موسمياتي تبديلي جي اثر?? کي گهٽ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گه??جن، ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادار?? کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلين جي اثر?? کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سا?? کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته عوام وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ حصو وٺي وڻ هڻي ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪري. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثر?? کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي جي لاءِ ڪوشش ڪ??ي رهيا آهيون، ڪاربن جو خارج گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس شمسي توانائي سان بجلي جي ضرورت?? کي پورو ڪري رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته هڪ اندازي موجب هن وقت پاڪستان جي رڳو 5.7 سيڪڙو زمين ٻيلن تي ٻڌل آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو اسان جو ماحول ??وب??ورت ٿيندو پر وڻ آڪسيجن جو اهم ذريعو به آهن. صادق سنجراڻي چيو ته تعليمي ۽ سماجي ڌرين سميت قومي وڻڪاري مهم ۾ انفرادي طور تي هر هڪ کي حصو وجهڻ گه??جي ته جيئن پاڪستا?? کي سرسبز شاداب بڻائي سگهجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران 2 سيپٽمبر 2018ع تي 10 بلين ٽري سونامي مهم شروع ڪئي، پلانٽ فار پاڪستان 5 سالا منصو??ي ۾ 2023ع تائين 10 بلين وڻ لڳائڻ جو هدف آهي.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو
مضمون کا ماخذ : loteria estadual