دمشق -03 جولاءِ (اي پي پي) شام ۾ پاڪستان جي سفير شاهد اختر چيو آهي ته شام پاڪستان ۾ صنعتي شعبي جي ترقي مان ??ائ??و کڻي سگهي ٿو. شام جي خابرو اداري سانا مطا??ق انهن خيالن جو اظهار هن دمشق چيمبر آف انڊسٽري جي چيئرمين غزوان المصري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ ??اپ??ر جي شعبن ۾ سهڪار کي ترقي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري ۽ شراڪتداري جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني سفير چيو ته شام پاڪستان ۾ دوائن، طبي مواد، جراحي جي اوزارن ۽ ڏندن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن سان گڏ زرعي سامان، ڳري مشينري ۽ راندين جي سامان جي ??يا??ي ۾ هن وقت تائين ڪيل ترقي مان ??ائ??و کڻي سگهجي ٿو. دمشق چيمبر جي عمارت ۾ ٿيل ملاقات دوران غزوان المصري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيمبر پاڪستان سان مڪمل سهڪار لاءِ ??يا?? آهي، ان کان علاوه دمشق چيمبر ٻنهي ملڪن جي ??اپ??رين ۽ صنعتڪارن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ هر ضروري سهولت فراهم ڪندو. هن مختلف فورمن تي پاڪستان طرفان شام جي حمايت کي ساراهيو.
شام ۾ پاڪستان جي سفير جي دمشق چيمبر جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری