ابوظهبي -13 نومبر (اي پي پي) گڏيل ع??ب امارتن جي رياست الفجيره جي ٽريفڪ پوليس شاهراهن تي رفتار جي حد 101 کا?? گهٽائي 91 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڪري ڇڏي آهي. سعودي خابرو اداري مطابق داخلي رستن تي انتهائي رفتار 101 ڪلوميٽر کا?? گهٽائي 91 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته شيخ حمد بن عبدالله روڊ تي انتهائي رفتار81 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کا?? وڌائي 91 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڪئي وئي آهي. انتهائي رفتار ۾ تبديلي کا?? پوءِ الفجيره شهر جي روڊن تي ريڊار سسٽم ۾ پڻ تبديليون ڪيون ويون آهن. الفجيره بندرگاه اسٽريت جي رفتار 141 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ مربح اسٽريٽ ۽ فدفع سرڪلر روڊ جي انتهائي رفتار 121 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II