رياض-05جنوري (اي پي پي) سعودي عر?? جي ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز جي شاگردن جديد ڊرون تيار ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز جي پروجيڪٽ ۾ شريڪ شاگرد علم حسين عندس ??ڌا??و ته گروپ ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 6 شاگرد شريڪ ٿيا، جن جي گڏيل ڪوششن سان اهو ڊرون تيار ڪيو ويو. پروجيڪٽ مختلف شعبن تي ??شتمل هو جن ۾ صنعتي انجينئرنگ، اليڪٽرو ميڪينيڪل، سول انجنيئرنگ ۽ ايئر اسپيس اينڊ ايوي ايشن شامل هئا.هن ??ڌا??و ته ڊرون جي تياري ۾ چئن مهينن جو وقت لڳو جنهن ۾ انتهائي حساس ڪئميرا، بيٽري، اسپيڪرز، لائٽنگ ۽ بيٽري چارجز جو استعمال ڪيو ويو آهي. ڊرون جي اها خاصيت آه?? ته ان کي گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت جي ضرورت آهي، ڊرون جا ڪيترائي فنڪشن آٽوميٽڪ آهن. ڊرون هڪ ڀيرو چارج ڪري وڌيڪ دير تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، شاگردن پروجيڪٽ جي تياري ۾ ڪنگ فهد يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز ۽ ريسرچ اينڊ ڊفينس اسٽيڊيز شهزاده سلطان سينٽر پاران ڀرپور تعاون حاصل رهيو.
سعودي عرب جي ڪنگ فهد يونيورسٽي جي شاگردن جديد ڊرون تيار ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی