گڏيل قومون-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت امدادي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) اتر غز?? ۾ فوري جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان گذريل ٽن هفتن کان ڪنهن به وقفي کانسواءِ جاري بمباري سبب علائقي ۾ هر طرف لاش وکريل آهن، امدادي ڪارروايون ناممڪن ٿي چڪيون آهن ۽ جيڪي ماڻهو زنده آهن انهن وٽ موت جي انتظار کانسواءِ ڪو آپشن باقي ناهي بچيو. يو اين آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته مسلسل اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب اتر غز?? جي رهواسين کي خوراڪ، پاڻي ۽ طبي سهولتن جي فراهمي ناممڪن ٿي چڪي آهي، اتي روڊن تي ۽ ملبي هيٺان لاش ئي لاش آهن ۽ انهن کي دفنائڻ ۽ زنده بچي ويلن کي امدادي جي فراهمي جي اج??زت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، اتي موجود ماڻهو رڳو موت جو انتظار ڪري رهيا آهن، هو پاڻ کي نااميد ۽ اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهن ۽ هر گذرندڙ لمحو موت جي خوف ۾ زنده رهڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته اتر غز?? ۾ اسرائيلي طرفان يو اين آر ڊبليو اي (انروا) جي عمارتن کي حملن جو نشانو بڻائڻ سبب اتي بي گهر، زخمي ۽ بي يارو مددگار ماڻهن جي مدد ناممڪن ٿي چڪي آهي. هن جو چوڻ هو ته غز?? ۾ پنهنجي عملي طرفان فوري طور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪري رهيو آهيان جيڪو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ڇو ئي نه هجي ته جيئن انهن خاندانن لاءِ محفوظ انساني رستي کي ممڪن بڻائي سگهجي جيڪي علا??قو ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا.
اتر غزه ۾ هر طرف لاش، سهولتون اڻ لڀ، گڏيل قومن جي امدادي ادارن طرفان فوري جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ