ڪامره – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نئين تعمير ٿيل ايوي ايشن سٽي ڪامره ۾ ايئر يونيورسٽي ايئرو سپيس اينڊ ايوي ايشن ڪيمپس جي پيڙهه جو پٿر رکندي چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن کي پاڻ تي ڀاڙڻ جي ذريعي ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، حڪومت بهت??ين افرادي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي آهي. ايئر يونيورسٽي ايئرو اسپيس اينڊ ايوي ايشن ڪئمپس جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم هوابازي جي صنعت ۽ اعليٰ ??عليم جي ميدان ۾ پاڪ فضائيه جي اڻ ڳڻين خدمتن ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان جي پرخلوص ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙين ڪوششن جي ذريعي اسان پاڻ تي ڀاڙڻ جي منزل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب