اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان اٽي ۽ کنڊ بحران جي انڪوائري ڪندڙ ڪميشن کي ??مڪين ۽ بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي سان اڻوڻندڙ رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي باور ڪرايو ته اٽي ۽ کنڊ بحران جي 25 اپريل جي فرانزڪ رپورٽ ۾ سفارشن موجب ايڪشن ۽ نظام ۾ موجود خاميون ختم ڪيون وينديون، وزيراعظم پاڪستاني عوام کي يقين ڏياريو ته احساس پروگرام ۾ سياسي صوابديد نه آهي، هر اهو شخص جيڪو حقدار آهي ان کي انصاف ۽ ميرٽ جي بنياد تي حق پهچايو پيو وڃي، وفا??ي ڪابينا ڪڇي ڪينال انڪوائري ايف آءِ اي کان واپس و??ي نيب جي حوالي ڪرڻ، ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي ??ي اجلاس جي فيصلن، يونيورسل سروس فنڊ ۾ وڌيڪ ضلعن کي شامل ڪرڻ، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ ٽاسڪ فورس جي تجويزن، اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي عمارتن کي فلاحي ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي لاءِ ڪيش وصولي جون جايون 15 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمر??ن خان جي صدارت ۾ وفا??ي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم خاص معاون شهزاد اڪبر کي ??نڊ ۽ ڪڻڪ جي حوالي سان انڪوائري رپورٽ کي ??ابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II